ديوان پريم جي قاتلن کي تاريخ جو حساب ڏيڻو پوندو: اقرار پيرزادو

شهيد سجاد مرکنڊ ۽ عامر کهاوڙ جي ٽيجهي تي ساڻس ملڻ ٿيو. اتي به هن جي اکڙين ۾ لڙڪن سان گڏ چپڙن تي مرڪ رقصان هئي، منهنجو هي دوست باغين جي ان ٽولي

اقرار پيرزادو
اقرار پيرزادو

سان شامل هو جن سنڌڙي جي سينڌ سوارڻ لاءِ موت ماڻن جو وچن ڪري ورتو آهي. هو پاپي پاڪستان ۾ سنڌ ڌرتي جو نانءُ وٺڻ ڪاريهر تي پير پوڻ برابر آهي. هن سان پهرين ملاقات سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري جي مهوار شاهه لطيف اڀياسي ويهڪ ۾ ٿي هئي ۽ اها 2004ع ۾ اسان جي اها پهرين ملاقات دوستي ۾ تبديل ٿي وئي هئي. پر جڏهن به هاڻ ملڻ ٿيندو آهي اهو ڪنهن شهيد جي پٿر، ٽيجهي يا چاليهي جو موقعو هوندو آهي. وحشتناڪ غيرفطري رياست جا لشڪري ڪيترن ئي راڻن کي رات جي پيٽ ۾ گم ڪري ڇڏين ٿا، جن جا سڙيل وڍيل ۽ چيريل مڙهه ملن ٿا، جن جي لڱن ۾ لوهه ۽ انگن ۾ انگھون هونديون آهن، جن جي جسمن تي ڊرل مشينن جا سورخ هوندا آهن، سمورا ننهن جبورين سان ڇڪي ڪڍيا ويندا آهن. اهو سڀ ڪجهه ڏسندي به هن جي ٽوليءَ جا ساٿي جهليو جهلجڻ وارا ناهن، هڪڙو ڪنڌ ڪٽجي ٿو ته ٻيو اڏي تي اچي وڃي ٿو ۽ جلاد کي گھڙي لاءِ به ويساند نٿي ملي.

اڳيان اڳين وٽ، پوئين سر سنڀايا

شهيد سجاد مرکنڊ جي مرڪد تي مان کيس چون ٿو “اسان جا نوجوان بيگناهه ۽ بي موت ماريا وڃن ٿا، ڀلا ڄاڻي واڻي ڪنهن ڇتي ڪتي جي سامهون ٿي بيهڻ ڪهڙي دانشمندي آهي؟؟” منهنجي سوال تي هن جي اکين تي ساڳي پراسرار روشني اچي وڃي ٿي، مان سندس حور جو تاب نه سهي، ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيان ٿو. تڏهن هو چوي ٿو، ادا آزادي جي پنڌ ۾ ڪجهه به اجايو نه هوندو آهي. هي ته اڃان شروعات آهي. هن وقت ته اسان پنهنجي شهيدن کي قومي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪري رهيا آهيون. پر اڳتي هلي اسان کي پنهنجا جهونجهار اجتماعي قبرن ۾ دفن ڪرڻا پوندا. باقي اسان جون هي قربانيون ضايع نه وينديون. جنهن وقت مٿيرن جا مڙهه کنيا پي ويا، ان وقت تو البيلن جي اکين ڏانهن نه ڏٺو؟ هيو ڪو انهن ۾ خوف! اڄ گھر گھر مان اها سدا ٻري رهي آهي ته هي ڪنڌ سدا سنڌ لاءِ ڀل پيا ڪپجن. اسان جو مقصد پنهنجي قوم مان موت جو ڊپ ختم ڪرڻ آهي ۽ اسان ان ۾ ڪامياب ويا آهيون. هي منهنجو دوست ديوان پريم هيو، ديوان پريم جيڪو اسٽيج تي ٻه لفظ ڳالهائڻ کان به ڪٽائيندو هو، هن جي دل هڪ سياستدان بدران وحدتِ وجودي صوفي واري هئي. هي سياسي اصطلاحن کان اڻ واقف هيو، پر هن ڪن فيڪون کان سنڌ سان محبت جو وچن ڪيو هو. جيڪو کيس سک سان سمهڻ نه ڏئي رهيو هو. ۽ هن سنڌ جي آزادي لاءِ سياست جي چونڊ ڪئي، توڙي جو سياست هن جي مزاج جي نه هئي. ان باوجود هو ڪل وقتي سياسي ڪارڪن هيو. ۽ هن سان ملڻ فقط قومي جلسن ۽ سن ۾ رهبرِ سنڌ جي ورسي توڙي سالگرهه جي پروگرامن ۾ ٿيندو هو. هي اهڙو سياسي دوست هو، جنهن سان روح جا رشتا هئا ۽ سدائين ساڻس ڀوڳ ڪندا رهندا هئاسين. هو اسان جي ارهه روزين تي بس مرڪندو رهندو هو. مان کيس چرائڻ لاءِ چوندو هيس ته؛ تو اسان وٽ ديوان پريم ٿو سڏائين پر وارهه ٽپڻ کان پوءِ برڪت اميراڻي ۽ يعقوب چانڊيو (سکر سينٽرل جيل ٽوڙڻ جو مک ڪردار) جو سوٽ سڏائيندو آهين. ۽ هو کلي چوندو هو ته؛ نه نه ائين ڪيئن ٿيندو!. مون کي خبر هئي ته ديوان پريم دين ڪفر کان دور هو، هو اول آخر سنڌي هو هن لاءِ بشت دلاسو ۽ دوزخ ڌڙڪو هو. هن ٻين ماڻهن جيان پنهنجي مولا کي ڏور خلائن ۾ ڳولڻ بدران سنڌ جي مٽي کي معبود بڻايو هو. پر جڏهن بابري مسجد جي ڊاهڻ جي ردعمل ۾ سنڌي هندن جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو هو تڏهن اهڙي غنڊا گردي جي مزاحمت ڪندي. هن پنهنجو نالو ديوان پريم رکرايو ۽ جبار چانڊيي پاڻ تي امر شهيد روپلي ڪولهي جو نان رکرايو. ديوان پريم ۽ روپلي جا روح جا رشتا هئا. ڌرتي جي محبت اهڙو

جسمم اڳواڻ شهيد پريم ديوان
جسمم اڳواڻ شهيد پريم ديوان

پيٽ پيل هين جو ڇڏڻ جهڙو هرگز نه هيو. مونسان گڏ جڏهن شهيد روپلي جي مڙهه کي عظيم رهبر جي اڱڻ تي جاءِ ڏيڻ وڃي رهيا هئاسين. ان وقت ديوان پريم کي ٽن راتين جو اوجاڳو هو، پر اهڙي خبر ٻڌڻ شرط سانگھڙ ويو، اتان شهيد جي ميت کڻي وارهه آيو، جنازي نماز بعد وري سن ڏانهن رانو ٿي اتان واپس پهچڻ تائين هن اک نه ٻٽي هئي. پر ان وقت به هو مونسان مرڪي مليو هو. روپلي ڏنهن اشارو ڪندي چيو هئائين؛ يار اسان کان گوءَ کڻي ويو، پر اڳون پوءِ اسان جو پنڌ به ايڏانهن آهي.

اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي

ديوان برابر هوت حضور پهچي ويو، ان کان وڌ قومي ڪارڪنن لاءِ ڪهڙي سعادت ٿي سگي ٿي، جو هو آزادي جي راهه ۾ قربان ٿي وڃي.

مارڳ جي مرن، وڏا طالع تن جا

وحشين کي خبر هئي ته ديوان پريم سنڌ جي چيڪي مٽي مان ڳوهيل آهي. رات جي رهزنن کي پورو پورو يقين هو ته هي پنهنجي قوم سان ڪڏهن به ڪريت نٿو ڪري سگھي. سون تي سيڻ مٽائڻ هن جي ريت ئي ناهي. تڏهن ته هنن ديوان پريم کي بند رکڻ بجاءِ مارڻ ۾ ئي انهن پنهنجي آفيت سمجهي ۽ وحشين ائين عذاب ڏيئي ماريو، جيئن سندس وڏا انگريز، ديش ڀڳتن کي چيچلائي ماريندا هئا. مون کي پورو يقين آهي ته ديوان پريم جو خون رائيگان نه ويندو. اهو ڌرتي تي ڪريل رت اهڙي ٻوٽي کي جنم ڏيندو جيڪو وڌي وڻ ٿي آزادي جي راهه ۾ ضرور ڇانو ڪندو. ڪالهه پوري 42 ورهين بعد بنگالي ديش ڀڳتن تي ستم ڪندڙ مولانا قادر ڪاسائي کي ڦاهي چاڙهيو ويو آهي. ساڳي نموني سان سنڌ جا ٽهڪ ڪهندڙ قوتون ياد رکن ته کين به تاريخ جو حساب ڪتاب ضرور ڏيڻو آهي.

1 thoughts on “ديوان پريم جي قاتلن کي تاريخ جو حساب ڏيڻو پوندو: اقرار پيرزادو

پنهنجو رايو ڏيو