آواز اسان جي کي ديوار ڇا روڪيندي: سجاد شر

سجاد شر
سجاد شر

سنڌ جي تاريخ بابت چيو وڃي ٿو ته اٽڪل پندرنهن هزار سالن کان موجود آهي، انهي دور کان وٺي سنڌ سنڌين جي رهندي اچي پئي. انهي تاريخ مان گذريل پنج هزار سالن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌي قوم 12 سو سال غلام رهڻ باوجود اٽڪل 38 سو سال آزاد حيثيت ۾ رهيا آهن. جنهن سنڌ ايراني شهنشاهه دارا اول جي ڏاڍ ۽ جبر به ڏٺو، ان سنڌ راءِ گھراڻي ۽ راجا ڏاهر جي صورت ۾ حڪمراني به ڪئي. انهن سڀني دورن ۾ اگر سنڌ غلامي جي چڪي ۾ وڌيڪ پيڙجندي نظر آئي آهي ته اهو دور 1843ع کانپوءِ شروع ٿئي ٿو. رقص ۽ راڳ جا ديوانا سنڌي سمبارا جيان خوشيءَ مان نچندا به رهيا آهن ته دودي سومري، مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت شهيد جيان اڏيءَ تي سر رکي سرخرو به ٿيا آهن.

تاريخ جي ورقن تان دز لاهجي ٿي ته سنڌ جڏهن به غلام ٿي آهي ۽ سنڌي ماڻهو ڪنڌ ڀر ڪريو آهي ته ان عشق واري ايمان جي آسري دولهه دريا خان بڻجي گھوڙن جي سبن هيٺان دشمن جا سينا چٿيا آهن. پر تاريخ جي ويجهن ورڪن کي اٿلائڻ سان پتو پوي ٿو ته دوکي جي ديوار کي ڪيرائڻ لاءِ رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد سنڌ هڪ ملڪ آهي، سنڌي هڪ قوم آهي ۽ آزادي سندن حق آهي وارو فنا في السنڌ وارو پيغام 31 مارچ 1972ع کان شروع ٿئي ٿو.

شروع ۾ جڏهن رياست سمجهيو ته سائين جي ايم سيد جو لکڻيون سُري لڳل ڪاٺ جي وجود واري پاڪستان کي ڀڃي ڀُوري وجھنديون ته سيد جي لکڻين کي ناقابلِ برداشت قرار ڏيئي بين هنيو ويو. اهڙي ڪرڀ ڀري صورتحال ۾ سيد پنهنجي ڪيل قول ته سنڌ ڪنف اليڪون کان موجود آهي ۽ اسان جي محبت ان سان ايتري قديم آهي؛ سان نڀاءُ ڪندي سنڌوديش جي پرچارڪندو رهيو. آفاقي پيغام رکندڙ سائين جي ايم سيد جي حياتيءَ ۾ جيئي سنڌ جي ڇٽي هيٺ ڪيترائي هيرو ۽ جاني، نواب ۽ رئيس ويٺل رهيا پر سيد جي وڇوڙي انهن کي اقتداري سياست جي ايوانن ۾ آڻي وڏيرن ۽ ڀوتارن جا بيگ کڻڻ تي مجبور ڪيو. پر باوجود ان جي سيد جي صالح ڪارڪنن جسقم جو بنياد وڌو. جڏهن جسقم پنهنجو گھربل ڪردار ادا نه ڪري سگھي ته ان سان پاليسي اختلافن سبب ان سان ٻين پارٽين جو بنياد پيو.

اهڙي ريت 2000ع جي نومبر جي ٿڌ جي موسم ۾ گرميءَ سان ڀريل جسمم جو بنياد پيو. جنهن جي آئين ۾ جسقم جي آئين جيان ساڳيا نقطا موجود هيا پر مختلف ڳالهه قومي مزاحمت وارو نقطو هئي. ان وقت جسمم جو بنياد 12 ڄڻن اهو چئي وڌو ته بارش جي پهرين ڦڙن جيان پنهنجو رت ڏيئي انقلاب جو بنياد وجھنداسين ۽ وطن کي آزاد ڪري سائين جي ايم سيد جو اتحادِ انساني، امن عالم ۽ ترقيءَ بني آدم وارو فڪر ڦهلائينداسين. انهي رنگ ۽ ڍنگ جسمم کي قومي تحريڪ ۾ نرالو ڪري بيهاريو. ۽ ان رياستي پاليسين خلاف انڪار واري ڳالهه هن ملڪ جي مالڪن ۽ پنجابين کي پنهنجي منشا ۽ مرضيءَ مطابق هلائيندڙ آءِ ايس آءِ کي نه وڻي ۽ جسمم خلاف 2003ع ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو. بنيادي 12 ماڻهن مان شفيع برفت کي ڪجهه ته ڇڏيا بقايا دوست مظفر ڀٽو، ڪاڪو مظهر ڀٽي، عمران لغاري وغيره رياستي ادارن هٿان کنڀيا ويا، ڪن کي ته رڻ ۾ ريل بيهاري به گرفتار ڪيو ويو.

اهڙي ڏکي صورتحال ۾ Man of iron thoughts  شفيع برفت؛ آڻ نه مڃي ۽ قومي مزاحمت کي منظم ڪندو رهيو ۽ نتيجي طور سرائي قربان کهاوڙ کي به جسقم کي خيرآباد چئي ساٿين سميت 2010ع ۾ جسمم سان شامل ٿيڻو پيو. بهادر گڏيا بهادرين جيان شفيع برفت کي مظفر ڀٽو جهڙو انمول دوست شروع کان اڳ هو، سرائي قربان جو اچڻ سان سندس ٻئي هٿ مضبوط ٿي ويا. جسمم سنڌي قوم جي نمائنده جماعت طور اڀرڻ شروع ٿي ۽ ان سنڌ اندر قومي تحريڪ ۾ موجود خال کي ڀريندي هر جاءِ تي ظاهر ٿيڻ شروع ڪيو.

ٻوڏ جي صورتحال ۾ سنڌي دربدر هجن ته به جسمم ڪارڪنن جا انهن لاءِ مظاهرا، ميڊيڪل ڪئمپ کان ويندي انهن لاءِ راشن ۽ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ ۽ اٽو لٽو ڏيڻ به وسرڻ جهڙو ناهي. عالمي صورتحال ۾ هن بنياد پرستيءَ جو ماءُ وارو ڪردار ادا ڪندڙ رياست خلاف مظاهرا ڪري دنيا کي امن ۽ ڀائيچاري وارو پيغام ڏنو. ان سان گڏ جسمم نيٽو ٽينڪرن مٿان شڪارپور لڳ ٿيل حملي خلاف جسمم ڪارڪنن پاران رياست ۽ آءِ ايس آءِ خلاف مظاهرا ڪري سنڌ جو ڀائپي ۽ ماڻهپي وارو ڪردار کي اجاگر ڪري دنيا اڳيان پيش ڪيو. مطلب ته هر معاملي ۾ جسمم قومي تحريڪ جي نمائنده جماعت طور اڀري آئي.

جڏهن سڀ رڳي ٺلها حوال ڪرڻ ۾ رڌل هئا ان وقت دريا خان جي دانهه کي ورنائڻ لاءِ شفيع برفت ۽ جسمم ڪارڪن عملي طرح ميدان ۾ لٿا. نتيجي طور قومي مزاحمت رياست جا بنياد اکيڙڻ شروع ڪيا ۽ جسمم سڌيءَ ريت انهن جي مدد ۽ مالڪي جي ڳالهه ڪندي رهي. جسمم سنڌي هندن خلاف رياستي وڏيرن ۽ انهن جي حوارين آڏو بند ٻڌڻ لاءِ عملي طرح ڪردار ادا ڪندي ميان مٺو سميت سڀني بنياد پرست تنظيمن ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو ته رينڪل کان ويندي مينا ڪماريءَ تائين سنڌين کي مسلمان ڪرڻ وارو راڳ بند ڪن ٻي صورت ۾ کين سنڌ جي مزاحمت سان ٽڪرائڻ ڏکيو پوندو.

اهڙي ريت دنيا اندر آزادي پسند ۽ مظلوم قومن جهڙوڪ ڪرد، تبت ۽ بلوچن سميت ٻين آزادي ۽ حقن جي حاصلات لاءِ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪرڻ سان گڏوگڏ، 14 فيبروري قومي شهيدن جو ڏينهن قرار ڏيڻ به جسمم جي کاتي ۾ وڃي ٿو. ڌاري آبادڪاري خلاف “ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو، سنڌ اسان جي ماءُ آهي” وري نعري هيٺ ڌارين لاءِ ڌرتي تنگ ڪرڻ سان گڏ ويهه لک سوات ۽ قبيلائي علائقن وارن دهشتگردن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ کان روڪڻ به جسمم جي ڪريڊٽ ۾ اچي ٿو. ان سان گڏوگڏ رياستي ادارن هٿان 5 جتوئي ڀائرن جو مارجڻ واري واقعي کي قومي سانحو سڏي ان خلاف آواز اٿاريندي رهي. نه صرف ايترو پر جسمم وقت به وقت گڏيل قومن يورپي يونين ۽ آمريڪا کي خط لکي رياست جو فاشٽ ۽ بنياد پرست چهرو نروار ڪندي رهي آهي.

جسمم جتي مزاحمت جي نئين تاريخ لکي اتي نج سنڌوديش جي آزاديءَ لاءِ به شهيد سميع الله ڪلهوڙو، ممتاز ڀٽو، ماجد ميمڻ، ذولفقار ڪولاچي، سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نور الله تنيو، نادر بگٽي، بابر سنڌيلو، اعجاز سولنگي، اسد عباسي ۽ سنڌ جي پرواني شهيد مظفر ڀٽو جا سر پڻ ڏيندي رهي.

ڏيئي موت کي مات منشي مئاسون

مگر نئين نسل کي اجاري وياسون

جسمم لطيف جي سرن کي ٻيهر پاڻي ڏين لاءِ هر شهيد لاءِ غم ڪرڻ بجاءِ “اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنڀايا” جيئن سڄڻ ۽ ساڻهه جي حفاظت لاءِ پنهنجا سر آڇيندي رهي. سنڌ جي انتظامي ورهاڱي خلاف ويڪائو وڏيرن خلاف سگھارو آواز اٿيو ته اهو جسمم جو آواز هو ۽ جسمم جي اهڙي عمل جي ڪري ويڪائون وڏيرن جون وايو بتال ٿي ويون ۽ مجبورن کين هي ٻٽو نظام واپس وٺڻو پيو.

اڄ ان سنڌ جي قومي پارٽي جسمم مٿان اڻ پڙهيل، ڪوڙين ڊگرين تي ايوانن ۾ پهتل ڀوتارن شهيد اشوڪ ڪمار کان ويندي سائين جي ايم سيد، شهيد سرائي قربان کهاوڙ کان ويندي شهيد مظفر ڀٽو تائين سنڌي قوم کي اذيتون ڏيندڙ ڀوتارن جي پارٽي پ پ پ رياستي ادارن جي ونگار وهندي، جسمم تي پابندي مڙهي پاڻ کي وڌيڪ خوار ۽ خراب ڪيو آهي. ڇا جسمم کي سياست، اظهار جي آزادي ۽ راءِ کان روڪي سگھجي ٿو؟ هرگز به نه!!!

آواز اسانجي کي ديوار ڇا روڪيندي؟

هي نفسياتي جنگ آهي جنهن ۾ رياست جا ويٺل ٿنڪ ٽينڪ اهو سوچيندا هوندا ته انهن جي عمل سان جسمم بيهجي ويندي ته اها انهن جي ڀل آهي!. سرائي قربان کهاوڙ ۽ سندس ساٿين کي ساڙي اسان کي رياست روڪي نه سگھي ته ان رياست ذوالفقار ڪولاچي ۽ ممتاز ڀٽو مٿان بم حملا ڪري به اسان کي روڪي نه سگھي. رياست جي بقول ان سنڌوديش لبريشن آرمي جي ڪمانڊر ذوالفقار ڪولاچي جو لاش ڪراچي کان سيهڙاسٽيشن تائين سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ سلامي جو اعزاز حاصل ڪندو رهيو. انهن مظفر جھڙي گهوٽ کي قيد ۽ عقوبتن ۾ رکي کيس دل ۽ دماغ گولي هڻي ويراني ۾ لاش اڇلايو پر دنيا ڏٺو ته ان ارڏي گھوٽ جي سن ۾ تدفين ٿي ته قومي تحريڪ کان ويندي عام ماڻهن به والهانا عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو. ۽ جهڙوڪ رياست کي ان نفسياتي جنگ ۾ شڪست آئي.  پر جسمم جو هر ڪارڪن شفيع برفت سان گڏ اهو چوندو رهيو ته؛

ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهان

ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سهان

تان پڻ لڄ مران، جي هجينس پٺ ۾.

Advertisements

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري